الهه بچايو جمالي

الهه بچايو جمالي

الهه بچايو جمالي

الهه بچايو جمالي : صحافي ۽ ڪالم نويس الهبچايو جمالي 20 فيبروري 1960ع تي ڳوٺ مارواڻي جمالي، ديهه کنڀرو، تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ محمد سليمان جمالي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي سنڌي آهي. هن صحافت جي شروعات 1974ع کان روزاني ’هلال پاڪستان‘، ڪراچي کان ڪئي، روزاني ’ڪوشش‘، ’سنڌ‘ ۽ ’شام‘ اخبارن لاءِ باقاعده رپورٽنگ ڪئي. ان کانسواءِ روزاني ’ڪوشش‘، روزاني ’جاڳو‘، روزاني ’برسات‘، روزاني ’سنڌ‘، روزاني ’عوامي آواز‘، روزاني ’ڪاوش‘، روزاني ’خادمِ وطن‘، روزاني ’شام‘ اخبارن ۽ ماهوار رسالن ’گلن جھڙا ٻارڙا‘، ’تحريڪ‘، ’ڪاپڙي‘، پندرنهن وار ’افيئر‘ (نيوز مئگزين)، ماهوار ’پيغام احمد‘، ماهوار ’گلشن لاڙ‘ ۽ ماهوار ’پيغام لاڙ‘ ۾ سماجيات، لوڪ ادب، فنون لطيفه، سياست، عمرانيات، تاريخ، جاگرافي، زراعت، آبپاشي، ڊرينيج، ڪرنٽ افيئرز، ماحوليات، موسمياتي تبديلين، ادب، آثار قديمه ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم لکيا، سندس ڪيتريون ئي تحقيقي رپورٽون ۽ اسٽوريون پڻ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ’گلن جهڙا ٻارڙا آرگنائيزيشن‘ يونٽ ڪڍڻ جو صدر، 1976ع کان 1980ع تائين سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي بدين جو ڪنوينر، سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪڍڻ جو سيڪريٽري ۽ 1991ع کان پريس ڪلب ڪڍڻ جو بانيڪار ۽ پهريون صدر ٿي رهيو. هن وقت ايوان صحافت بدين جو ميمبر آهي. سندس هڪ تحقيقي ڪتاب ”ايل بي او ڊي: هڪ مها آفت“ (2015ع) ڇپيل آهي. کيس، صحافت ۾ بهترين ڪارڪردگيءَ سبب سرواڻ سوشل ويلفيئر آرٽ سرڪل بدين طرفان ’مولوي خير محمد نظاماڻي‘ مڃتا اوارڊ (1995ع)، ڊبليو. ڊبليو. ايف (WWF) ۽ فرينڊز آف انڊس فورم طرفان پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين بابت شايع ٿيل ڪتاب ۽ مضمونن تي مڃتا اورڊ (2015ع) ملي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.02.20  عيسوي

صحافي ۽ ڪالم نويس الهه بچايو جمالي 20 فيبروري 1960ع تي ڳوٺ مارواڻي جمالي، ديهه کنڀرو، تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ محمد سليمان جمالي جي گهر ۾ جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لائق سنڌي ٿيٻو
اي بي راجپوت
صديقي الهورايو طارق
اختر حفيظ
خانزادو سميع الوري
امداد سومرو
حميد هارون
زيب النساءَ حميدالله
الطاف حسين قريشي
سيد غلام رسول شاهه
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون